بهاول لغاري

بهاول لغاري

بهاول لغاري

بهاول لغاري: سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو شاعر بهاول ولد سمندر خان لغاري، 12 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ لغاري پجراڻي تعلقي موري ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان پڙهي، گچيري پراڻي مان سنڌي فائنل 1955ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول موري مان، جڏهن ته بي.اي ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کانسواءِ هن جي.وي، جي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي.
بهاول لغاري شاعريءَ جي ابتدا نوجوانيءَ کان ڪئي. هي پهريان 1962ع ڌاري پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد 1975ع ۾ جي.ايس.ٽي ٿيو ۽ آگسٽ 2000ع ۾ ايڇ.ايس.ٽي طور ريٽائر ٿيو. هي سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ’واحد بخش لغاري پرائمري اسڪول‘ منظور ڪرائي ان جي بلڊنگ به ٺهرائي. ان کانسواءِ نيو لغاري پجراڻيءَ لاءِ به اسڪول منظور ڪرايائين. ڳوٺ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪچو رستو به ٺهرايائين. ان کان علاوه بهاول لغاري ڳوٺ ۾ هر سال مفت ميڊيڪل ڪئمپ به منعقد ڪرائيندو آهي. هن ڳوٺ ۾ قبرستان لاءِ ٻه ايڪڙ زمين پڻ وقف ڪئي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) عشق مون ايمان (شاعري)، (2) عشق مون اڻاٺ (شاعري)، (3) عشق ميڏا اسرار (سرائيڪي شاعري)، (4) اڌوري آس (ڪهاڻيون) وغيره شامل آهن.


لفظ بهاول لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.08.12  عيسوي

سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو شاعر بهاول ولد سمندر خان لغاري، 12 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ لغاري پجراڻي تعلقي موري ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالغفور عابد
عطا حسين حافظ بجاراڻي
حاجي نور محمد شاهه نورل
رحيم بخش قمر
رامداس سوامي
صمد حسين رضوي
اقبال علامه ڊاڪٽر
رضوي سيد زوار حسين شاهه
بلاول اوٺو
عبدالفتاح عبد بٺورائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون